شيخ ثناءُ الله

شيخ، ثناءُ الله: سماجي اڳواڻ ثناءُ الله ولد قائم الدين شيخ، 4 جون 1927ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان وٺي کيس تعليم جي حصول ۽ ادب سان گهڻو لڳاءُ هو. سندس خاندان جي علمي ذوق ۽ سماجي شعور هن ۾ ذهني جاڳرتا آندي. شڪارپور ۾ ‘مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن’ جو سرگرم ڪارڪن ۽ ‘مولانا محمد علي جوهر لائبرريءَ’ جو انچارج رهيو. پرڏيهي ڪهاڻيون ترجمو ڪري شيخ اياز جي ادارت ۾ شايع ٿيل ماهوار رسالي ‘اڳتي قدم’ ۾ شايع ڪرايائين. 64-1963ع ۾ ‘سنڌي ادبي سنگت’ شاخ شڪارپور جو سيڪريٽري به رهيو.
ثناءُ الله شيخ هن وقت سنڌ ۾ هڪ سٺي سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ڪيترو عرصو سگا شڪارپور جو صدر ۽ شهر سڌار تنظيم جو سيڪريٽري به رهيو. هو ڪيترين سماجي تنظيمن جو باني ۽ سرپرست رهيو آهي. 1979ع کان ‘سنڌي ليکڪ يادگار ڪاميٽي شڪارپور’ جي سرپرست جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. 1978ع ۾ تعليم کاتي مان اعليٰ عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ پنهنجي زندگي سماجي خدمتن ۾ گذاري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.06.04  عيسوي

سماجي اڳواڻ ثناءُ الله ولد قائم الدين شيخ، 4 جون 1927ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تسليما نسرين
عظيم سنڌي
اشرف بلوچ 2
جمعو مُلون
بوزدار رحيم بخش خان
پيرغلام رسول سرهندي
پنهون مل هميراڻي
پرين پالاري
پلي عزيز
الهه بخش نظاماڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون